ٽنڊوباگو ويجهو مبينا طور زال مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوباگو:- ٽنڊوباگو ويجهو مبينا طور زال مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو، جن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڳوٺ چيٿرام ڪولهي ۾ پورهيت حمير ڪولهي ۽ سندس زال ٿانو ڪولهي پنهنجي گهر اندر ڳچيءَ ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو.آپگهات ڪندڙ زال مڙس جي وارثن شومو ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي.آپگهات ڪندڙ زال مڙس جا مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن