ٽاسڪ ملڻ بعد زبير چريا ساٿين سان گڏجي فيڪٽري کي باهه ڏني: رحمان ڀولا جو اعتراف

ڪراچي:- بلديه سانحو ڪيس آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو. مُک جوابدار رحمان ڀولا جي اعترافي بيان ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته باهه ڏيڻ جو ٽاسڪ ملڻ بعد زبير چريا ساٿين سان گڏجي فيڪٽري کي باهه ڏني هئي. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديه سانحو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جيل اختيارين طرفان جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا به پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت آڏو جوابدار رحمان ڀولا جو اعترافي بيان پڙهي ٻڌايو ۽ دليل ڏنا. اعترافي بيان ۾ رحمان ڀولا چيو آهي ته بلديه فيڪٽري جي مالڪن کان 25 ڪروڙ يا حصيداري گهري هئي. مالڪن طرفان انڪار جي صورت ۾ کين فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جون هدايتون مليون.اعترافي بيان ۾ رحمان ڀولا انڪشاف ڪيو آهي ته فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جو ٽاسڪ زبير چريا کي ڏنو ويو ۽ جنهن ڏينهن فيڪٽري کي باهه لڳي، اُن ڏينهن هو زبير چريا جي پويان موٽر سائيڪل تي ويو هو. زبير چريا ساٿين سان گڏجي بلديه فيڪٽري کي باهه ڏني هئي.
ٻڌڻيءَ دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل طرفان رحمان ڀولا جي اعترافي بيان سوڌو ٻيون به شاهديون پڙهي ٻڌايون ويون، هُن ساڍا 3 سئو شاهدن جا به بيان پڙهي ٻڌايا. عدالت ٻڌڻي 14 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪندي اسپيشل پراسيڪيوٽر جنرل کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.