:ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي وارو 2017ع ۾ رينجرز جي حراست هيٺ هو، سڀ ڏسندا ته اُن جا نتيجا نڪرندا. مراد علي شاه

ڪراچي :- وڏي وزير مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته هُڻ ساڻس ملاقات نه ڪئي آهي ۽ وڊيو بيان ۾ گهڙيل سڄي ڪهاڻي جا ڏور رس نتيجا نڪرندا، هو ڪهاڻيءَ جي تهه تائين پهچي ويو آهي. ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي واري دعويٰ ڪئي آهي ته 2017 ۾ حراست دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ساڻس ملاقات ڪئي هئي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران وڏي وزير چيو ته متحده جي ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي وارو طرفان منهنجي ملاقات جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنوآهي، اُن جي جاچ لاءِ پوليس کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. منهنجي ٽارگيٽ ڪلر يوسف سان ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته هو پنهنجي طور ڪهاڻيءَ جي تهه تائين پهچي ويو آهي، وري به پوليس کي جاچ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. ڪهاڻي جيڪا ٺاهي وئي آهي، سڀ ڏسندا ته اُن جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. وڏي وزير چيو ته ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي وارو 2017ع ۾ رينجرز جي حراست هيٺ هو، تنهن ڪري اُن حوالي سان رينجز اختيارين سان به ڳالهيو آهي.ٽارگيٽ ڪلر يوسف جو وڊيو بيان ۾ انڪشاف ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ايس ايس پي اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪري ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي واري جي حوالي سان انڪشاف ڪيا. جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلر جي اعترافي بيانن ۽ انڪشافن بي ٻڌل وڊيوز به جاري ڪيون ويون. وڊيو بيان ۾ ٽارگيٽ ڪلر يوسف هڪ پاسي فاروق ستار سان رابطن جو انڪشاف ڪيو ته ٻئي پاسي اهو به چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه به ساڻس ملاقات ڪئي هئي، جنهن چيو ته آئون دُنيا جي اڳيان مري ويو آهيان. مٽ مائٽن سڀني مڃي ورتو آهي ته مون کي ماريو ويو آهي، پر اڄ مون کي زنده ڪيو ويندو. مون چيو ته سر! مان زنده آهيان، خبر ناهي ته توهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. وڊيو بيان ۾ ٽارگيٽ ڪلر يوسف چيو ته 2017ع ۾ جڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته حراست دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ساڻس ملاقات ڪئي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي وارو وڊيو بيان ۾ فوجي جوانن سوڌو 96 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، هُن اهو به چيو ته روپوشي دوران هو نائين زيرو ۾ لڪيل هو ۽ فاروق ستار کيس نائين زيرو ۾ جاءِ وٺرائي ڏني هئي.