ٽائيگر فورس جي نالي تي اعتراض هو ۽ آهي:صوبائي وزير ناصر شاهه

اسلام آباد := صوبائي وزير ناصر شاهه ڪورونا بابت وڊيولنڪ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي ٽائيگر فورس جي نالي تي اعتراض هو ۽ آهي پر سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي امدادي ڪم هلندا، سنڌ حڪومت هيل تائين هڪ ارب 8 ڪروڙ روپين جو راشن ورهايو آهي، اها 8 ارب روپين واري راشن جي ڪهاڻي الائي ڪٿان آئي آهي، اهو 8 ارب روپين جو فگر ڪنهن ڏنو آهي، ان خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس کي 8 ارب روپين جو راشن ورهائڻ خبر ڪنهن ڏني آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ جي ميڊيا ورڪرن کي 5 سئو ڪٽون فراهم ڪنداسين ۽ صنعتي ورڪرن ۾ راشن ورهائڻ جو پيڪيج اچي رهيو آهي، ان ۾ ميڊيا ورڪرن کي نظر انداز نه ڪنداسين، هن وقت عوام وٽ اهو تاثر نه وڃڻ گهرجي ته اسان پنهنجي پنهنجي سياست ۾ رڌل آهيون، سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌو ويندوآهي