ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ زمبابوي کي شڪست، پاڪستان سيريز ڪلين سوئپ ڪري ڇڏي

راولپنڊي: پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي ٽي ميچز جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو.زمبابوي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ ميزبان ٽيم کي کٽڻ لاءِ 130 رنز جو هدف ڏنو جيڪو گرين شرٽس 16 هين اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو.راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.زمبابوي پاران اننگز جي شروعات برينڊن ٽيلر ۽ چي باڀا ڪئي جيڪا مايوس ڪندڙ رهي ۽ ٽيلر 8 رنز ٺاهي عماد وسيم جو شڪار ٿي ويو.ليگ اسپنر عثمان قادر ۽ عماد وسيم جي شاندار بولنگ جي بدولت مهمان ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنز ٺاهي سگهي.زمبابوي پاران ڪپتان چي باڀا 31 ۽ ڊونلڊ ٽريپانو 28 رنز ٺاهي نمايان رهيا.گرين شرٽس طرفان اسپنر عثمان قادر 13 رنز جي بدلي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عماد وسيم 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.زمبابوي جي 130 رنز جي هدف جو پيڇو ڪندي گرين شرٽس طرفان اننگز جي شروعات فخر زمان ۽ عبدالله شفيق ڪئي ۽ ٽيم کي 39 رنز جي شروعات ڏني.فخر زمان 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته حيدر علي 27 رنز ٺاهيون.ان کانپوءِ اچڻ واري خوشدل شاهه جارحاڻو انداز اپنايو ۽ 3 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 36 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته عبدالله شفيق به 41 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.عبدالله شفيق ۽ خوشدل شاهه جي بهترين راند سبب پاڪستان هدف 16 هين اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ۽ ائين ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ به زمبابوي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني.ان فتح سان گڏ گرين شرٽس ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو