ٻوساٽ مان ٻاهر نڪرڻ جُون راهون: ليکڪ نصير ميمڻ

جن سنڌ واسين 60ع کان 2000ع وارن ڏهاڪن جي سياست ڏٺي يا ڪئي هوندي، انهن کي اڄوڪي سنڌ جي سياسي رفتار جي لاٿ مان لڳندو ته سنڌ ۾ هڪ سياسي ماٺار جي لهر آيل آهي. اهو احساس ڪيترن ئي ماڻهن کي مايوس به ڪري ٿو. اها ڳالهه هڪ حد تائين ٺيڪ آهي پر مڪمل طور تي شايد درست ناهي. ان حقيقت جو ڇيد ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڇا واقعي به سنڌ ۾ سياسي ماٺار آهي يا اسان ڪنهن تيز رفتار سواريءَ واري موٽروي تان لهي ڪنهن لنڪ روڊ تي سفر ڪري رهيا آهيون، جنهن ڪري اسان کي سياسي سفر جي رفتار گھٽجڻ سبب ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ گاڏي بيهي رهي آهي.

سياست هڪ متحرڪ عمل آهي، جيڪو وقت ۽ حالتن آهر رفتار ۽ شڪليون بدلائيندو رهي ٿو. اسان جھڙي ردعمل واري سياست ڪندڙ قومن لاءِ ان جي رفتار ۽ شڪل جو تعلق قابض قوتن جي طريقن ۽ روين سان گڏ ڪجھه خارجي عنصرن تي به دارومدار رکندو آهي. پاڪستان جي شروعاتي پنجن ڏهاڪن ۾ گھڻي ڀاڱي مارشلائي جبر ۽ مختصر مدي وارين ڪنٽرولڊ جمهوريتن ۽ لساني وڳوڙڻ ۽ رتوڇاڻ اسان جي سياسي ردعمل جو بنياد بڻجندا رهيا آهن. گھڻو ڪري تحريڪون ۽ احتجاج سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتارين، سنڌ دشمن رٿائن، لساني وڳوڙڻ ۾ بي ڏوهه ماڻهن جي مارجڻ جھڙن واقعن خلاف ٿيندا رهيا. هاڻ جيئن ته حڪمران طاقتن سنڌين مارشل لائن بجاءِ طفيلي حڪومت وسيلي حڪمراني ڪرڻ شروع ڪئي آهي، سندن پاليل لساني ٽولن هٿان رتوڇاڻ کي هنن پنهنجي ضرورت آهر ٻنجو ڏنو آهي. ماڻهن کي ڦٽڪن ۽ جيلن جي سزائن وارا طريقا ڇڏي، ڪمزور قومن ۽ گروهن جي ڦرلٽ ۽ محڪوميت جا نوان طريقا استعمال ڪيا آهن ته اڳ جھڙا سياسي رد عمل وارا احتجاج به نه پيا ٿين. روز جي بنياد تي ٿيندڙ رتوڇاڻ ختم ٿيڻ سان قومي گيتن واريون ڪيسٽون به اچڻ بند ٿي ويون آهن ۽ عوامي ردعمل جا طريقا به بدلجي ويا آهن.

گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هڪ نئون وچولو طبقو اسريو آهي، جنهن جي اوسر نيم شهري ۽ شهري ماحول ۾ ٿي آهي، جنهن جي اوسر نه شهري ۽ شهري ماحول ۾ ٿي آهي. ان ئي دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي وڏي ڇال اچڻ سبب لهه وچڙ جا طريقا به بدلجي ويا آهن. اڳي جيڪي ڪارڪن سائيڪلون اسٽائل، ڪاربان ڪاپي ۽ پريس وسيلي پمفليٽ ڇپرائي اٽي جي ٻورين ۾ لڪائي ۽ ورن ۾ وجھي ماڻهن تائين پهچائيندا هئا، ان جي جاءِ تي تيز رفتار موبائيل فون ميسيجنگ، واٽس ايپ گروپن ۽ فيس بوڪ/ ٽوئٽر والاري ڇڏي آهي. هاڻي عوام تائين سياسي پيغام پهچائڻ جا وڌيڪ تيز، سستا ۽ اثرائتا طريقا استعمال هيٺ اچي ويا آهن.  30 سال اڳ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد ٽولن سان سياسي ڪارڪن باوردي هٿيارن سان مقابلا ڪندا هئا ۽ روز اخبارن ۾ چچريل لاش، اسپتالن ۽ ايمبولينسن جون خبرون ڇپجنديون هيون. هاڻي هڪ نئون نسل ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. هاڻي ان نسل جو هٿيار ٽيڪنالاجي، ڄاڻ ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ آهي. ان چٽاڀيٽيءَ ۾ 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن واري رت گرمائڻ وارا نعرا ۽ قومي گيت ته ناهن پر هڪ ٻئي انداز ۾ هڪ نئين ڇٽاڀيٽي جاري آهي.

18هين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ جيئن صوبن جا آئيني اختيار بهتر ٿيا ۽ چونڊيل حڪومت تي راتاها هڻڻ وارا 90ع جي ڏهاڪي وارا طريقا ممڪن نه رهيا ته اسٽيبلشمينٽ صوبن جي معاملن ۾ مداخلت لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪري ورتا آهن. هاڻي ڪڏهن صدارتي آرڊيننسز وسيلي صوبن جي ٻيٽن تي والار جا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري اسلام آباد جي ادارن کي سنڌ ۾ اربين رپين جا ٺيڪا ڏيارڻ لاءِ برساتن ۾ رستا ٻڏڻ کي بهانو بڻايو وڃي ٿو. جڏهن آئين موجب گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ممڪن نه رهيو ته گورنر جي قيادت ۾ ڪاميٽيون قائم ڪري ترقياتي رٿائن تي سڌو اسلام آباد مان عمل ڪرائڻ جا ٽڪساٽ جوڙيا وڃن ٿا. جڏهن چونديل حڪومتون پنهنجي پرڪارن سبب عوامي حقن جي دفاع ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون ته وري عوام مختلف فورمن تان احتجاج ڪرائي پنهنجا ٻيٽ وفاق جي والار هيٺ اچڻ کان بچائي ٿو. تازو ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس تي سرڪار تڏهن اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو جڏهن سڄي سنڌ مظاهرن ۽ سوشل ميڊيا مهم وسيلي ان انياءَ خلاف هڪ ٿي بيٺي. گھٽ ۾ گھٽ بيٽن واري معاملي تي عوامي ٻڌي ۽ احتجاج کان پوءِ وفاق جي پٺتي هٽڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي وئي ته سنڌ ۾ ڀلي ڪيترو به جبر هجي ۽ سياسي عمل جي راهه ۾ ڪيتريون به رنڊڪون هجن، عوام اندر اڃا به اها سياسي سگھه موجود آهي، جيڪا سنڌ خلاف اهڙن فيصلن جي ردعمل ۾ متحرڪ ٿي وڃي ٿي ۽ نتيجا به ڏئي ٿي.

سنڌي قومپرستي کي هاڻي نئين دور جي حقيقتن سان پاڻ کي سلهاڙڻ جي ضرورت آهي. ڊگھي عرصي تائين پارلياماني سياست جو محاذ خالي ڇڏڻ سبب ان اهم محاذ تي موقعي پرست قوتون قابض ٿي چڪيون آهن. سنڌ بدانتظاميءَ جي اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جتي سنڌ جي معاشي ۽ سماجي اوسر کي ڄڻ بريڪ لڳي وئي آهي. جن پارٽين وٽ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي انتظامي واڳ رهي آهي انهن سنڌ جي عوام جون زندگيون بهتر بڻائڻ بجاءِ پنهنجي خصيص مفادن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. سنڌ ۾ اليڪشني محاذ تي چٽاڀيٽي نه هجڻ سبب پيپلزپارٽي به پاڻ کي عوام اڳيان جوابده نٿي سمجھي. سندس سامهون سياست ڪندڙ ڌرين جو ڪردار ان کان به وڌيڪ خراب آهي. ان سياسي خال جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملي ٿو. ٻئي پاسي ورهين کان رشوت، شارٽ ڪٽ ۽ نااهليءَ جي مڃتا سبب سنڌ واسين جي زندگين مان ميرٽ جو ڄڻ تصور ئي ختم ٿي ويو آهي. اليڪشني سياست جي يرغمال ٿيڻ ۽ قومپرست ڌرين جي ڪردار جي ڪمزور ٿيڻ سبب سنڌ ۾ عوامي سطح تي هڪ مايوسي ۽ ماٺار جو احساس ٿئي ٿو. ان احساس کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌ کي هڪ اهڙي سياسي ڪلچر جي ضرورت آهي جيڪو عوام جوابداري، عوامي پڇاڻي، چٽاڀيٽي، ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ٻڌل هجي.

جيستائين ڪااهڙي سياسي ڌر عوام جي صفن مان اڀري تيستائين سنڌ واسين کي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ انفرادي ڪٽنبي يا تنظيمي سطح تي انهن قدرن کي اڀارڻ گھرجي. سنڌ سياسي لحاظ کان هڪ عبوري دور مان گذري رهي آهي. جنهن ۾ پراڻا ادارا يا ته ختم ٿي رهيا آهن يا وري سست رفتار تبديلي جي عمل مان گذري رهيا آهن. ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي اهي ادارا هڪ نئين شڪل ۾ اڀرندا، ان وچ ۾ سماج اندر ذميوار فردن کي پنهنجو تحرڪ جاري رکڻ گھرجي. جلسن، مظاهرن، لکڻين، سوشل ميڊيا مهمن ۽ سماجي ڪمن وسيلي چرپر کي جاري رکڻ گھرجي. وفاق توڙي صوبائي حڪومتن کان پڇڻ جو سسلو جاري رهڻ گھرجي. آنڌ مانڌ ۽ اٿل پٿل جو سلسلو هلندو رهي. سنڌ جي بنيادي مسئلن تي عوام جو اتحاد، اڳواڻن جي اتحاد کان وڌيڪ اهم آهي. سنڌ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين ۾ اتحاد نه هجڻ جي باوجود سنڌ جي حقن جي حوالي سان عوام جو اتحاد کين گڏيل موقف اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه سياسي لحاظ  کان نهايت اهم آهي. پارٽين جا نظريا ۽ خيال مختلف هجڻ ۾ ڪا خرابي ناهي، سندن عوامي مفادن وارن سوالن تي يڪراءِ هجڻ، هڪ هاڪاري عمل آهي. گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي بنيادي قومي حقن جي حوالي سان اسان کي سياسي قيادتون ساڳي موقف تي نظر اچن ٿيون، جيڪا مثبت ڳالهه آهي. سنڌ واسين کي هن عبوري، سياسي دور ۾ پنهنجي قومي حقن بابت اک کليل رکڻ گھرجي ۽ انهن بابت چٽو ۽ مضبوط موقف رکي سنڌ جي سياسيي ڌرين مٿان عوام دوست موقف اختيار ڪرڻ ۽ ان بابت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ گھرجي.هن ٻوساٽ جي دور ۾ حڪومتو ۽ سياسي ڌريون ڪيترن ئي قسمن جي دٻاءَ هيٺ آهن، سندن ڪمزور ڪردار پنهنجي جاءِ تي پر مختلف قوتون (اندريون توڙي ٻاهريون) کين پنهنجي تابع به رکڻ گھرن ٿيون. عوامي دٻاءُ خود حڪومت ۽ پارٽين کي به مضبوط موقف اختيار ڪرڻ لاءِ دليل فراهم ڪندو. عوامي جاڳرتا گڏيل موقف ۽ گڏيل جدوجهد هن ٻوساٽ جو ستت انت آڻيندي