ٻارن سان زيادتي ۽ منشيات جي استعمال سبب نسل تباهه پيا ٿين: وزيراعظم

اسلام آباد :-  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻارن سان زيادتي ۽ شاگردن ۾ منشيات جو استعمال نسل تباهه ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ “زندگي ايپلي ڪيشن” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته معاشري ۾ ٻه شيون اسان جي نسلن کي تباهه ڪري رهيون آهن، هڪ منشيات ۽ ٻي ٻارن سان جنسي زيادتي جو مسئلو آهي. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات جو استعمال وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته ٻارن سان جنسي زيادتي جي واقعن تي ماڻهن ناهن ڳالهائيندا، ٻارن سان جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا به تباهي ثابت ٿيندا. اهڙا مسئلا معاشري ۾ ڪينسر وانگر پکڙجي رهيا آهن، حل لاءِ اسان قومي سطح تي مقابلو ڪنداسين. ٻارن سان زيادتي روڪڻ ۽ منشيات جو خاتمو سمورن شهرين جي ذميواري آهي، جڏهن ته استاد به ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻارن سان جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا معاشري لاءِ شرم جوڳو عمل آهي، پوري طاقت سان مقابلو ڪنداسين..