ٺٽي ۽ سجاول ۾ آر او پلانٽس غير فعال: 28يوسيز ۾ جر زهر قرار: سرڪار نلڪا لڳائڻ ۾ رڌل: هزارين ماڻهو متاثر

ٺٽو/سجاول: ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايل 118 آر او پلانٽ مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ غير فعال ، 28 يوسيز ۾ جر زهريلو قرار، ان ڏس ۾ “ پنهنجي اخبار ” جي هٿ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي ۾ 62 ۽ سجاول ۾ 56 آر او پلانٽس سميت 118 آر او پلانٽ لڳايا، جن مان 60 سيڪڙو غير فعال آهن.سنڌ حڪومت بند پيل آر او پلانٽس فعال بڻال توڙي سار سنڀار لاءِ هر آر او پلانٽ لاءِ 16 کان 25 هزار رپيا جاري ڪري ٿي. ٻئي صحت جي عالمي اداري پاسي سجاول ۽ ٺٽي ضلعن 28 يوسيز جي جر جي پاڻي ۾ سنکيو مليل هئڻ جي تصديق ڪندي سنڌ جي صحت کاتي کي رپورٽ پيش ڪندي پاڻي نه واپرائڻ جي سفارش ڪئي ھئي. سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتي پيئڻ جي صاف پاڻي جو متبادل انتظام نه ڪيو ۽ نه ئي اُتان جي ماڻھن کي جر جو پاڻي پيئڻ کان روڪڻ لاءِ ڪو الرٽ جاري ڪيو، ويتر 2015ع واري مڪاني چونڊن دوران چونڊجي آيل يوسي چيئرمينن خاص بجيٽ رکي ڳوٺن ۾ نلڪا لڳرائي ڇڏيا،سول سرجن ڊاڪٽر ارجن ٻڌايو ته 28 يوسيز جو پاڻي سنکيو مليل ۽ ھاڃيڪار قرار ڏنل آھي، ھزارين ماڻھو زهريلو پاڻي واپرائين ٿا، جنھن سبب گردن، ھڏن ۽ قوت مدافعت گھٽجڻ جو بيماريون وڌي رھيون آھن. ٻارڙن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نم ڪمار ٻڌايو ته ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي سنکيو مليل ھجڻ ڪري ننڍن ٻارڙن لاء تمام گھڻو نقصانڪار آھي.