ٺٽي مان اغوا ڄاڻايل ناري مسلمان ٿي شادي ڪرڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي :- ٺٽي مان اغوا ڄاڻايل ناري مسلمان ٿي شادي ڪرڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ٺٽي مان اغوا ڄاڻايل ناري لاءِ انڪشاف ٿيو هو ته هُن مسلمان ٿي ٽيوشن تي کيس پڙهائيندڙ نوجوان ڪامران سومرو سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي، پايل جو مسلمان ٿيڻ بعد نئون نالو نور فاطمه رکيو ويو. ناري پايل مڙس ڪامران سومرو سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت جي حڪم تي ناري بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته آئون بالغ آهي، مرضي ۽ رضا خوشي سان مسلمان ٿيڻ بعد ڪامران سومرو سان شادي ڪئي آهي. جنهن ڪري وارثن مان مون کي ۽ مڙس کي خطرو آهي، تحفظ مهيا ڪيو وڃي. درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت جي حڪم تي ناري جي وارثن سان ملاقات ڪرائي وئي.