ٺٽي جي اغوا ڄاڻايل ناري پايل ديوي مسلمان ٿي شادي ڪري ورتي

ٺٽو :- ٺٽي جي اغوا ڄاڻايل ناري پايل ديوي مسلمان ٿي نوجوان ڪامران سومرو سان شادي ڪري ورتي. مڪلي ٿاڻي جي حد مان 5 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري پايل ديوي جي وارثن الزام هنيو هو ته نوجوان ڪامران سومرو ۽ سندس ساٿين کيس اغوا ڪيو آهي. ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان ڪامران سومرو استاد هو ۽ پايل انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ سينٽر تي ويندي هئي. ناري پايل مسلمان ٿي نوجوان ڪامران سومرو سان شادي ڪري ورتي آهي، سندس نئون نالو نور فاطمه رکيو ويو آهي. جاري ٿيل وڊيو بيان ۾ ناري جو چوڻ آهي ته ڪامران سان رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو. ناري ۽ نوجوان اعليٰ اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس نوجوان ڪامران سومرو جي ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪيو، سندن رمانڊ به ورتو ويو هو.