ٺٽو ڀرسان جيءُ جهوريندڙ سانحو، هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ٻارڙا سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت

ٺٽو:- ٺٽي جي علائقي جهرڪ ڀرسان سنڌو درياهه ۾ وهنجندي 7 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا. ڳوٺ دائم مري ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل ٻارڙا گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا ته ٻڏي فوت ٿي ويا. فوتي ٻارڙن ۾ ستن روهين جي ڪونج، چئن ورهين جي بينظير،  چئن ورهين جي بشيران، نون سالن جو عامر، ڇهن ورهين جو رفيق، ستن ورهين جو رحيم علي شامل آهن. ٻڏي فوت ٿي ويل ٻارڙن جو واسطو هڪ ئي ڪٽنب سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي نوابشاهه جا رهواسي آهن. ٻارڙن جا مڙهه ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي لڳ ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پ پ چئيرمين پاران پڻ نوٽيس وٺندي پارٽي جي مقامي عهديدارن کي متاثر ڪٽنب سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو پاران هڪ ئي ڪٽنب جي ستن ٻارڙن جون حياتيون ضايع ٿيڻ تي متاثر خاندان سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو آهي.