ٺل ۾ نينگري ڪاري قرار:الزام هيٺ آيل نينگر جي گهر تي هلان،امڙ زخمي

ٺل:- ٺل لڳ شبيرا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير علي لاشاري ۾ 15 ڏينھن اڳ ڪڻڪ جي فصل ۾ مال جي ڀيلي تان شبير احمد لاشاري پنھنجي معصوم ڌيء 8 ورھين جي فھميندا لاشاري کي 12 ورھين جي سومر خان لاشاري سان ڪارنھن جو الزام ڏئي ڪري معصوم نيگر سومر خان لاشاري جي گھر مٿان حملو ڪري سومر خان لاشاري ۽ ان جي ماء بشيران خاتون لاشاري کي لٺيون ھئي شخت زخمي ڪري ڇڏيو جيڪا مسلسل 15 ڏينھن کان پنھنجي گھر ۾ بيھوشي واري حالت ۾ کٽ تي پيل آھي،انھي موقعي تي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نيگر سومر خان لاشاري پنھنجي معصوم ڀائرن سان احتجاج ڪندي چيو ته 15 ڏينھن اڳ ڪڻڪ جي فصل ۾ مال جي ڀيلي تان شبير احمد لاشاري  پنھنجي ڌيء 8 ورھين جي فھميندا لاشاري سان مون کي ڪارو قرار ڏئي ڪري منھنجي گھر تي حملو ڪري اسان گھر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو لٺيون ھڻي منھنجي ماءُ بشيران لاشاري کي رتو رت ڪري ڇڏيو آھي جيڪا ھن وقت تائين گھر ۾ بيھوشي واري حالت ۾ پيل آھي ھن چيو ته شبيرا آباد ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ٿيل آھي ان جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ئي ناھي جوابدار ھر روز موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھن مطالبو ڪيو ته اسان تمام مسڪين آھيون اسان جي مدد ڪئي وڃي.