ٺل ۾ ظالم سهري پنهنجي 18 سالن جي ننهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ٺل:-  ٺل ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ظالم سهري پنهنجي 18 سالن جي ننهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.  جنهن کان پوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.جڏهن ته انتظاميه اڃان تائين جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. رپورٽ موجب ٺل جي ڳوٺ رحمدل  بنگلاڻي ۾ بي رحم سهري نظر محمد بنگلاڻي پنهنجي 18 سالن جي ننهن روبينه بنگلاڻي کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر وڃڻ کان روڪيو جنهن کي نه مڃڻ تي هن پسٽل جا فائر ڪري روبينه کي قتل ڪري ڇڏيو.هوڏانهن قتل ٿي ويل عورت جي پيءُ چيو آهي ته مان پنهنجي ڌيءَ کي وٺڻ جي لاءِ پهتس ته ظالم سهري کيس پنهنجن مائٽن جي گهر ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. نه مڃڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي هن کيس پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.مذڪوره عورت جي وارثن ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪيئ آهي ته روبينه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن نظر محمد، عبدالغفور ۽ عرض محمد سميت سمورن جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.هوڏانهن ٺل ٿاڻي جي بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ۾  ملوث جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن کين  گرفتار ڪيو ويندو.