ٺل واسي وڏي وزير جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار غلام محمد بنگلاڻي جو نوجوان ڀائٽيو اغوا

ملير : ٺل واسي وڏي وزير جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار غلام محمد بنگلاڻي جو نوجوان ڀائٽيو ۽ بلڊر تاج محمد بنگلاڻي جو نوجوان پٽ ميٽرڪ ڪلاس جو شاگرد 16 ورهين جو عادل گلشن معمار جي علائقي مان ٽيوشن تان واپس گهر ايندي رستي مان هٿياربندن پاران اغوا، ان حوالي سان نينگر عادل جي چاچي ٻڌايو ته عادل روز جي معمول موجب ٽيوشن تان پنهنجي گهر گلشن معمار اچي رهيو هو ته رستي مان ڪاري رنگ جي ويگو گاڏي ۾ سوار هٿياربندن کيس اغوا ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان جي اغوا بابت اسان گلشن معمار پوليس کي اطلاع ڪيو اطلاع باوجود پوليس ڪنهن به قسم جو ڪو تحرڪ نه ورتو، ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي، نينگر جي اغوا بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته کيس ڀُنگ خاطر اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته واقعي جو اطلاع سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنو ويو، جنهن ٽيليفون ڪري اسان سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي نينگر جي خيريت سان جلد واپسي ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا