قائم الدين سرڪي ڪيس جو مُک جوابدار کي گرفتار ڪري شهر جو گشت ڪرايو ويو، پوليس جي حق ۾ نعريبازي

ٺل :- ٺل ۾ 3 مھينا اڳ ڀتي خورن ھٿان قتل ٿي ويل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ربنواز ٻرڙي کي پوليس ھڪ خفيه اطلاع تي ٺل لڳ نائب لانڊي وٽان مقابلي بعد  گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته جوبدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا ايس ايڇ او ٺل جي اڳواڻي ۾ گرفتار جوابدار ربنواز ٻرڙي جا ھٿ ٻڌي ڪري شھر جو گشت ڪرايو ويو شھرين پوليس جي حق ۾ ناريبازي ڪندي پوليس اھلڪارن مٿان گل ڇٽريا جنھن بعد جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ جوش ٻرڙو سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھرين سرڪي برادري جي ھزارين ماڻھن ٺل ٿاڻي تي پھچي ڪري ايس ايڇ او ۽ پوليس اھلڪارن کي گلن جا ھار پارايا ويا انھي موقعي تي مقتول قائم الدين سرڪي جو ڀاء امام الدين سرڪي شھيد جو والد شرف الدين سرڪي پوليس اھلڪارن کي گلن جا ھار پارائڻ وقت خوشي مان پنھنجا لڙڪ روڪي نه سگھيا –  شھيد قائم الدين سرڪي جي قاتل ربنواز ٻرڙو جي گرفتاري بعد ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروھي وارثن وٺ پھچي سندس مبارڪون ڏنيون جنھن بعد ايس پي ٺل ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قائم الدين سرڪي جي مک جوابدار ربنواز ٻرڙي کي  گرفتار ڪيو آھي قائم الدين سرڪي جي قتل ۾ ملوث جوابدار بلوچستان فرار ٿي ويا ھئا ڪالھ جوابدار ربنواز ٻرڙو پنھنجي ساٿين سميت ٺل ڀرسان نائب لانڊي آيو ته ھڪ خوفيه اطلاع تي پوليس پھچي ڪري مقابلو ڪيو جنھن بعد پوليس جوابدار ربنواز ٻرڙي کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آھن.