ٺري ميرواهه ويجهو جرڳائي وڏيرن مبينا طور لڄالٽ جو شڪار ناري جي لڄ جي قيمت زمين جو ٽڪڙو لڳائي ڇڏي

ٺري ميرواهه :- ٺري ميرواهه ويجهو جرڳائي وڏيرن مبينا طور لڄالٽ جو شڪار ناري جي لڄ جي قيمت زمين جو ٽڪڙو لڳائي ڇڏي، ناري پاران جرڳو قبولڻ کان انڪار، انصاف لاءِ دربدر، ڏھ ڏينهن اڳ ٺري ويجهو سيري ڳوٺ ۾ جنسي حوس جو نشانو بڻيل ناري ممتاز خاصخيلي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٻن جوابدارن ايوب خاصخيلي ۽ نادر خاصخيلي واٽر تان کنڀي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ڳوٺ جي بااثرن دٻاءُ وجهي راڄوڻي فيصلي تي مجبور ڪيو، ٿاڻي تي وڃي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس ڪوبه قدم نه کنيو. هن الزام هنيو ته وڏيري نياز خاصخيلي جرڳو ڪري جوابدار ڌر کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ ويھه ويسا زمين ڏياريڻ جو فيصلو ڪيو. ناري چيو ته اسان کي زمين نه کپي، مون سان زيادتي ڪندڙن کي سزا ڏياري وڃي، هن وڌيڪ چيو ته زيادتي ڪندڙ بااثر آھن، جيڪي مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. زندگي کي خطرو آھي، جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ آر پي او سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنديس. ايس ايڇ او ٺري ميرواھ امام بخش مٺاڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيل آھي، ڌريون فيصلي تي راضي هيون، هاڻي ناري ٿاڻي اچي بيان ڏئي وڃي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.