يوڪرين جي وزيراعظم آڊيو ڳالهيون ليڪ ٿيڻ تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

يوڪرين:- يوڪرين جي وزيراعظم اوليڪسي گونچارڪ صدر ولاڊومر زيلنسڪي جي خلاف پنهنجون آڊيو ڳالهيون ليڪ ٿيڻ تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري موجب وزيراعظم اوليڪسي گونچارڪ سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ تي ٻڌايو ته ان آڊيو ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته مان ۽ منهنجي ٽيم صدر جو احترام نٿا ڪريون. حالانڪه حقيقت ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي.