يوٿ ايڪشن ڪميٽي جو اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد :- يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سرمن بروهي، سھيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو، ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي ۽ اسد مغيري  پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته اڄ ڪراچي پريس ڪلب تي منھند 2 بجي کان رات 8 بجي تائين علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي جنهن ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن جا شاگرد, انساني حقن جي تنظيمن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻ گڏ ٿي شھيد نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري ۽ جوڊيشل انڪوائري کان اڳ ۾ ايم,ايل,او طرفان رپورٽ جاري ڪرڻ جي ڪري چانڊڪا يونيورسٹي جي وي,سي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪندا,اڳواڻن چيو ته اھڙي قسم جي واقعن سان سنڌ جو شاگرد خاص طور تي شاگردياڻيون پاڻ کي تعليمي ادارن۾ غير محفوظ سمجھن ٿيون ۽ جيستائين شاگردن کي تعليمي ادارن اندر نمائندگي نه ملندي تيستائين  اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجندا رھندا ۽ جلد شاگرد يونين کي بحال ڪئي وڃي.