يونيورسٽين اندر نصاب ۾ تصوف جو سبق شامل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان ملڪ اندر يونيورسٽين جي مالي ضرورت، گهربل وسيلن جي فراهمي، ۽ مالي ضابطن کي بهتر ڪرڻ لاءِ وفاقي تعليم وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا يونيورسٽين جي خودمختياري، انتظامي مامرن جو به جائزو وٺي وزيراعظم کي سفارش پيش ڪندي، وزيراعظم عمران خان تعليم وزير کي ملڪ اندر يونيورسٽين جي قيام، معيار کي يقيني بڻائڻ، نصاب ۽ هائير ايجويڪشن بابت مامرن جي حوالي سان صوبائي حڪومتن سان گڏجي اتفاق راءِ سان حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم اهڙي هدايت ڪالهه هائير ايجوڪيشن جي مسئلن جي جائزي لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي آهي، اجلاس دوران چيئرمين ايڇ اي سي، تعليم جي وفاقي وزير اعليٰ تعليم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم ناڻي وزارت کي هدايت ڪئي ته هائير ايجوڪيشن لاءِ منظور ڪيل رقم بنا رڪاوٽ جي جاري ڪئي وڃي، ٻئي طرف وزيراعظم هڪ ٻئي اجلاس جي صدارت ڪندي ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ کي فري لانسرز، تعليم يافته ۽ ٽيڪنالاجي تي عبور رکندڙ نوجوانن کي روزگار ڪمائڻ اڳيان ايندڙ رڪاوٽن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ کي فري لانسرز لاءِ پرڏيهي ملڪن مان ايندڙ رقم جي موجوده حد 5 هزار ڊالر کي وڌائڻ تي به غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم نصاب ۾ تصوف جو سبق شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نصاب ۾ تصوف جو سبق به شامل ڪيو وڃي، جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي صوفين ۽ بزرگن جي پيغام جي ڄاڻ ملي سگهي.