يورپي ملڪن جون ڌمڪيون اسان کي شام ۾ ڪارروائي کان نه ٿيون روڪي سگهن: اردگان

انقرا: ترڪ صدر رجب طيب اردگان پاران فرانس ۽ جرمني جي پابندين تي ردعمل ۾ چوڻ آهي ته يورپي ملڪن طرفان هٿيارن جو وڪرو روڪڻ ۽ معاشي پابندين جون ڌمڪيون اسان کي شام ۾ ڪارروائي کان نه ٿيون روڪي سگهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ صدر هڪ تقريب کي خطاب ۾ چيو ته جڏهن کان اسان اتر اوڀر شام ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي، اسان کي معاشي پابندين ۽ هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.هن جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ايئن سمجهن ٿا ته اهڙي طرح جي ڌمڪين سان هو ترڪي کي روڪي سگهن ٿا ته هو تمام وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته اتر شام ۾ ڪرد ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي جي شروعات کانپوءِ کان جرمني ۽ فرانس ترڪي کي هٿيارن جي وڪري تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.