وڏن چورن کي پڪڙڻ سان ڪرپشن گهٽ ٿي آهي، ٻيلن جي زمين تي قبضا ڪندڙن کي جيل موڪليو وڃي:وزيراعظم

ميانوالي :- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏن چون کي هٿ وجهڻ سان ڪرپشن گهٽ ٿي رهي آهي، ٻيلن جي زمينن تي قبضا ڪندڙن کي جيل موڪليو وڃي. گهڻن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته پاڪستان ۾ 12 مندون آهن، اسان الله جي نعمتن جو صحيح استعمال نه ڪيو آهي. حڪومت ٻهراڙي جي عورتن کي ڳئون، مينهون ۽ ڪڪڙيون ڏيندي جيئن پاڻڀريون ٿين ۽ پنهنجا گهر هلائين. ميانوالي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان انگريزن جو نه، پر اسان جو ملڪ آهي، انگريز هتي ٻيلا ڇڏي ويا، پر اسان اُنهن کي تباهه ڪري ڇڏيو، نوجوانن کي ٻيلن جي اهيمت جي خبر ئي نه آهي، تنهن ڪري اسڪولن ۾ ٻيلن ۽ وڻڪاري مهم جي اهميت بابت پڙهايو ويندو. هُن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کڻو ۽ کين به ڏوهارين جيان منهن ڏنو وڃي، اُنهن تي ڏنڊ مڙهڻ بدران کين جيل ڀيڙو ڪيو وڃي. خطاب دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ 12 مندون ڏنيون آهن ۽ گهڻن کي خبر ئي ناهي ته ڪو پاڪستان ۾ 12 مندون آهن، اسپين ۽ پاڪستان جي مُندن ۾ فرق ناهي، پوءِ به اُهو ملڪ ترقي ڪري ويو، اسان جي غلطي آهي ته اسان الله جي ڏنل نعمتن جو صحيح نموني استعمال نه ڪيو آهي. حڪومت هيٺئين طبقي کي سگهارو بڻائڻ لاءِ منصوبو رٿيو آهي، ٻهراڙي جي عورتن کي ڳئون، مينهون ۽ ڪڪڙيون ڏنيون وينديون ته جيئن پاڻڀريون ٿين ۽ گهر هلائين. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته آءِ جي پنجاب شعيب دستگير کي وڏن وڏن ڦورن ۾ هٿ وجهڻ جو ڪم سونپيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ پهريون ڀيرو وڏن ڦورن ۾ هٿ وڌا پيا وڃن، ڇاڪاڻ جو وڏن ڦورن ۽ لٽيرن ۾ هٿ وجهڻ سان ننڍا ڦورو ڊڄي ويندا آهن.هن چيو ته اسان جو مشن پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ آهي،پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجڻو هو پر اسان غلط رستي ڏانهن هلي وياسين.هڪ ننڊو طبقو امير ٿي ويو، ماضي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ بهترين علاج ٿيندو هو ۽ اسڪولن ۾ بهترين تعليم ڏني ويندي هئي. اڄ سٺي تعليم ۽ بهترين علاج لاءِ اسان کي خانگي اسڪولن ۽ خانگي اسپتالن ڏانهن وڃڻو پئي ٿو.اسان کي اهو ملڪ مليو جنهن کي ڪنگال ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان تي اهو فرض آهي ته جيڪي علائقا ترقي جي حوالي سان پٺتي پئجي ويا آهن انهن کي اڳتي وٺي اچون. سموري صورتحال باوجود اسان 50 لک خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪري چڪا آهيون. هر مهيني 8 هزار ماڻهن کي بناوياج جي قرض ڏنو  ويندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ چين معيشت جي بهتري لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، گڏيل عرب امارات به هر صورت پاڪستان سان دوست وارو ڪردار نڀايو آهي. مشڪل رستو ئي اسان کي اڳتي وٺي ويندو آهي. باصي آسان زندگي اسان جو موت آهي.