وڊيو اسڪينڊل: جج ارشد ملڪ نوڪري تان برطرف، نواز شريف جي سزا به ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مطالبو

لاهور :- اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف فيصلو ٻڌائيندڙ ۽ وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث جج ارشد ملڪ کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي. لاهور هائيڪورٽ جي سربراهيءَ ۾ انتظامي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ستن سينيئر ججن شرڪت ڪئي. ججن ۾ جسٽس محمد امير ڀَٽي،  جسٽس شهزاد احمد خان، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس باقر نجفي شامل هئا. انتظامي ڪميٽِيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ کي نوڪريءَ تان ڪڍي ڇڏيو. ارشد ملڪ ڊسمبر 2018ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه اسٽيل مل ڪيس ۾ ست سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، فيصلي بعد ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز، جج جي هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته نوازشريف خلاف بيان ڏيڻ لاءِ مٿس دٻاءُ هو. ارشد ملڪ ڊيپوٽيشن تي اسلام آباد ۾ مقرر ٿيو ۽ مقرريءَ بعد لاهور هائيڪورٽ جي ماتحت هو. هوڏانهن مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عدليه جي وقار ۽ انصاف جي گهر آهي ته داغدار جج جي داغدار فيصلن کي به ڪڍي ڦٽو ڪيو وڃي. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ کي برطرف ڪرڻ جي فيصلي نواز شريف نه پر عدل ۽ انصاف جي دامن تي لڳل وڏو داغ ڌوئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ مقبول ترين سياستدان جي بيگناهي تي وقت جو فيصلو اچي ويو آهي، نواز شريف جا چاهيندڙ هاڻي رب اڳيان سجدو ڪري شڪر ادا ڪن، الله جو شڪر آهي جنهن اڳيان دير آهي پر انڌير ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جو صبر کٽي ويو ۽ سندس مضبوطي جبر تي ڳري رهي، عدليه جي وقار ۽ انصاف جي گهر آهي ته داغدار جج جي داغدار فيصلن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو وڃي. مريم نواز چيو ته آئين ۽ قانون جو درست ڏيڻ نهايت سولو آهي اهو ڄاڻيندي ته توهان بي قصور آهيو ڄاڻيندي ته ظلم ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي، الله بيگناهه ۽ بهادر ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندو آهي. هن چيو ته ٽرين حادثي ۾ تمام گهڻيون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي کيس افسوس آهي، ڇا هتي ناڪامي تي ناڪامي ۽ نااهلي تي نااهلي جي انڪوائري ڪرڻ لاءِ ڪو آهي، انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڪو جوابده آهي، يا جواب ڏيندو، يا عوام رڍون ۽ ٻڪريون آهن