وي سي لمس خلاف الزام: جاچ ڪميٽي شاگردياڻي سائره خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي

ڄامشورو:-  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائره ٿهيم جي معاملي تي جاچ ڪميٽي 13 ڏينهن کانپوءِ نيٺ ڪالھ پنهنجي فيڪٽ فائينڊنگ واري شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي اڻ تصديق ٿيل ۽ تڪراري خبرن تي لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاني ڪالهه صبح جو جاچ ڪميٽي کان سخت پڇاڻو ڪندي ڪنهن به صورت ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي يونيورسٽي جي فارميسي شعبي جي استادن شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ هٿان مبينا حراسان ٿيڻ کانپوءِ خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ سائرہ گل ٿهيم جي مامري تي جوڙيل جاچ ڪميٽي 13 ڏينهن هنگامي اجلاس ڪندي وائيس چانسلر سيڪريٽ ۾ بند لفافي ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جاچ ڪميٽي طرفان وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل شروعاتي فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ 4 صفحن تي مشتمل آهي، ڪاميٽي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ شاگردياڻي کي مبينا  هراسان ڪندڙ  استادن ڊاڪٽر شفقت حسين رضوي ۽ ڊاڪٽر احسان ميمڻ  کي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ڪم کان روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، انڪوائري رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردياڻي پاران يونيورسٽي انتظاميا کي ڪا به شڪايت لکت ۾ نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته جاچ ڪاميٽي پاران ڪاليج جي پرنسپال ناهيد ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ ۽ لمس جي انتظاميا خلاف الزام بازي ڪرڻ تي کانئس پڇاڻي جي سفارش ڪئي وئي آهي.  ٻئي طرف لمس جي شاگردياڻي سائرہ گل ٿهيم حوالي سان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاني رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو ته جاچ ڪميٽي کي سختي سان هدايت ڪئي هئي ته اڄ ڪنهن به صورت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جن  منهنجي نڪري وڃڻ کان پوءِ منهنجي آفيس ۾ جانچ رپورٽ بند لفافي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اربع ڏينهن آفيس پهچي رپورٽ ڏسڻ کانپوءِ ميڊيا کي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي هن شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ٻنهي استادن ڊاڪٽر احسان ميمڻ ۽ ڊاڪٽر شفقت حسين رضوي کي نوڪري تان هٽائڻ واري سوال تي سندس چوڻ هو ته جاچ رپورٽ ئي مون کي اڃا ناهي ملي ۽ نه ئي ان کي پڙھيو آهي ته الزام هيٺ آيل استادن کي ڪيئن ٿو هٽائي سگهان، هن چيو ته سائرہ گل ٿهيم جا مون مٿان کيس ذهني مريض قرار ڏيارڻ وارن الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، سائرہ منهنجي نياڻي برابر آهي، مان کيس واقعي کان اڳ نه سڃاڻندو هئس ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته کيس انصاف مهيا ٿئي هوڏانهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائرہ گل ٿهيم کي حراسان ڪرڻ ۽ سندس خودڪشي ڪرڻ واري مامري تي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سهيل احمد عالماڻي رابطي ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ شاگردياڻي کي مبينا  هراسان ڪندڙ  استادن ڊاڪٽر شفقت حسين رضوي ۽ ڊاڪٽر احسان ميمڻ  کي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين ڪم کان روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، چار پيجن تي مشتمل ۾ انڪوائري رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردياڻي پاران يونيورسٽي انتظاميا کي ڪا به شڪايت لکت ۾ نه ڏني وئي آهي، شاگردياڻين سائرا ٿهيم خلاف به يونيورسٽي جي قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي شاگردياڻي اجائي واويلا ڪري رهي آهي، جاچ ڪميٽي جي چيئرمين موجب جاچ ڪاميٽي پاران ڪاليج جي پرنسپال ناهيد ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، مناسب عمل نه آهي ته شاگردياڻين ميڊيا اڳيان وائس چانسلر کي گهٽ وڌ ڳالهائي هن چيو ته جيڪا به شڪايت ڪئي ويندي آهي انهي کي لکت ۾ پيش ڪبو آهي، شاگردياڻين لکت ۾ ڪا به شڪايت نه ڪئي آهي. هي انڪوائري جو پهرين مرحلي جي رپورٽ آهي وڌيڪ انڪوائري ڪئي ويندي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊي فارميسي ڪاليج جي پرنسپال ناهيد ميمڻ  جي انتظامي نظام خراب هجڻ ڪري کيس هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي.  ٻئي طرف لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊي فارميسي جي آخري سال جي متاثر شاگردياڻي سائرہ گل ڌي خاوند بخش ٿهيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جاچ ڪاميٽي کي اسان پھريائين رد ڪري چڪا آهيون، جاچ ڪاميٽي مان انصاف جي اميد نه هئي پيش ڪيل رپورٽ ۾ استادن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته اڻ ڌري جاچ ڪري انصاف مهيا ڪيو وڃي، جيڪڏهن رپورٽ مطمئن ڪندڙ نه هوندي ته اسان اعلي عدالت سان رجوع ڪري سگهون ٿا.