ووٽ ڏيندڙ شهري پنهنجي حقن کان محروم ڇو؟ گل محمد سومرو

پاڪستان ۾ هر پنجن سالن کان پوءِ اليڪشن جو سلسلو شروع ٿيندو آهي، اليڪشن جي ڏينهن ۾ ملڪ جا سياستدان عوام جي وچ ۾ زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ انهن سان گڏ هوندا آهن، ان وقت انهن کي عوام جو ساٿ هڪ وڏو سهارو ۽ طاقت محسوس ٿي رهيو هوندو آهي ۽ اها حقيقت به آهي. ان وقت انهن جا ذهن خدڪش حملن، دهشت گردي ۽ مرڻ جو خوف کان خالي هوندا آهن ۽ عوام به هڪ مخلص ۽ سچي شهري هجڻ جي ناتي انهن سان ڏينهن رات گڏ هر عمل ۾ ساٿ ڏئي سچائي جو ثبوت پيش ڪندي آهي. صرف ان اميد جي بنياد تي ته اسان جا مسئلا حل ٿيندا ۽ اسان جو اولاد روزگار لائق ٿيندو. اليڪشن ويجهو اچڻ تي هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ ملڪ جي تمام سرڪاري ملازمن کي ضلعي عدالتن پاران اليڪشن جو انتظام سنڀالڻ جون ذميواريون سونپيون وينديون آهن. اهي به پنهنجي تعلقي کان ٻاهر موڪليو ويندو آهي. اهڙي طرح سرڪاري ملازم ووٽ ڏيڻ جي عمل کان عاجو ٿي ويندا آهن. باقي عام شهري جن ۾ نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ، روزاني جي بنياد تي ڪم ڪندڙ پورهيت، يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ 18 سالن کان مٿي واري عمر جا شاگرد، بيروزگار نوجوان، هنر مند شهري، ۽ علائقي جي بازارين جا دڪاندار ۽ علائقي جون عورتون وغيره جيڪي ووٽ ڏئي علائقي جي سياست دانن کي ڪامياب ڪري اسيمبلين ۽ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن جي ووٽ جي ڪري سياستدان پنجن سالن تائين حڪمران مقرر ٿين ٿا.

اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ اهي ئي سياست دان جيڪي اليڪشن کان اڳ عوام جي ساٿ جي طاقت سان بنا هٿيارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن جي عوام جي وچ ۾ ويهي ڪچهرين جا مور ٿيندا هئا، اهي اليڪشن کان پوءِ ان عوام سان ملڻ پسند ناهن ڪندا، ايتري قدر جو هو سڪيورٽي  جي سخت پهري ۾ رهندي عوام سان ملڻ جي عمل کي ناپسند ڪندا آهن. مطلب ته حقيقت  وساري ان ئي عوام سان نفرت ڪندي پنهنجي ڪاميابي کي پنهنجي جدوجهد جو ڪارڻ سمجهندي کين عزت ڏيڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي عمل کي ترجيح ڏيڻ پسند ناهن ڪندا. انهن جي اوطاقن تي سرڪاري ملازم، وڏيرا، پاٿاريدار ۽ سرمائيدارهر وقت چمچا گيري ڪري ڪچهريءَ جا مور بڻيا وڏا عهدا وٺي گھر ويٺي مفت جون پگھارون کائي نا اهليت جي بنياد تي پاڻ کي فني خان، ڪامورا ۽ دنيا جا قابل ترين انسان سمجهڻ جي خوش فهمي ۾ وڏيون لٻاڙ هڻي وقت جي قابل انسانن کي نااهل سمجهندي انهن کي عزت ڏيڻ به پسند ناهن ڪندا.اسان جي ملڪ جو هر شهري سياستدانن جي ڪاميابي جي ان راز کان سهڻيءَ ريت واقف آهي ۽ انهن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ عوام سان ڪندڙ روين کان پڻ واقف آهي. پر افسوس جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ کان وٺي هن وقت تائين اسان جا حڪمران سڳورا هر سال بجٽ پيش ڪندي صرف سرڪاري ملازمن جي سار سنڀار لهندي انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي پگهارن ۾ واڌ ۽ آسائشن ۾ اضافو آڻيندا آهن. ان جي باوجود به جيڪڏهن سرڪاري ملازمن کي ڪا سهولت حڪومت پاران نه ملندي آهي ته اهي پنهنجي آفيسن ۾ ويهڻ بجاءِ آفيس آڏو بک هڙتالون ۽ مظاهرا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائي ويندا آهن. پر افسوس جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪنهن به سهوليت واري پاليسي جو ڪو اعلان ناهي ڪيو ويندو ۽ نه ئي نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محنتي نوجوانن لاءِ ڪو سهولت ڏيڻ جو اعلان ناهي ڪيو ويو. هر سال سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ اضافو آهي، ٻئي پاسي شين جي قيمتن ۾ واڌ، ٽئڪس ۾ اضافي ۽ ننڍن وڏن ڪاروبار ڪندڙ تاجرن مٿان مختلف طريقن سان پاليسين ۾ سختي پيدا ڪئي ويندي آهي. مطلب ته هر پاسي سرڪاري ملازمن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وينديون آهن ۽ عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون وينديون آهن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ هنر مند نوجوانن کي، عام شهرين کي ۽ نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن لاءِ حڪومت پاران ميڊيڪل فري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون مليل آهن. هو حڪومت جي تعاون سان پنهنجو گھر خريد ڪري سگهن ٿا. مطلب ته عام شهرين کي ٻين ملڪن ۾ زندگي گذارڻ لاءِ تمام گھڻيون سهولتون مليل آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ان حقيقت کي مڃيندا آهن ته اسين عام شهرين جي ووٽ جي ڪري ئي هن منزل تي پهتل آهيون، ان ڪري اسان جي پاران پهرين سهوليت جا حقدار اهي عام شهري آهن. پر اسان وٽ جيڪو سهولتن جو اصل حقدار آهي اهو هر دور ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ باوجود به پنهنجي حق کان محروم ئي رهندو آيو آهي ۽ جيڪي کين ووٽ به نه ڏئي سگهندا آهن، انهن لاءِ هر دور ۾ سهوليتون، آسائشون ۽ وڏا عهدا وڏي مقدار ۾ آهن. هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا گذريل ستن مهينن کان ڦهليل هجڻ سبب لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ملڪ جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا بند ڪيا ويا، بازاريون، هوٽل، شادي هال، تفريح گاهون ۽ اسڪول بند ڪيا ويا پر سرڪاري ملازمن کي هر مهيني وقت تي پگهارون ملنديون رهيون. بلڪه انهن جي پگهار ۾ وقت مطابق 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. پر ملڪ جا باقي جيڪي به ادارا، اسڪول، بازاريون، شادي حال وغيره بند رهيا، انهن سان حڪومت پاران ڪا سهولت ته نه بلڪه آواز اٿارڻ تي کين جيلن ۾ بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ۽ ڪيسن ۾ مبتلا ڪري سزائن ڏيڻ ۽ ڪاروبار سِيل ڪرڻ جهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته گذريل ستن مهينن کان حڪومت ووٽ ڏيندڙ شهرين کي بيروزگار ڪري تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي ۽ ان ۾ خاص نشانو نجي اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استاد ۽ اسڪولن جا مالڪ بڻجي ويا. باقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي انهن ستن مهينن ۾ گھر ويٺي نوازڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان جي ووٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ سياستدانن کي جيڪڏهن اها ڳالهه هن وقت تائين سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اسان کي ڪامياب ڪرڻ وارو اصل شهري ڪير آهي ۽ اسين ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ ڪنهن کي نوازي رهيا آهيون؟ مطلب ته جيڪو حقدار آهي ان کي درگذر ڪري رهيا آهيون ۽ جنهن جو اسان جي ڪاميابي ۾ ذري برابر به ڪردار نه آهي، اسين ان کي هر طرح سان نوازي رهيا آهيون. ته پوءِ عام شهرين کي هاڻي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ته جيڪو اسان جي حقن جو خيال ڪندو اهو ئي ووٽ جو اصل حقدار هوندو. جيستائين اسين پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سوچ تبديل نه ڪنداسين، تيستائين اسان جا حق ماريا ويندا ۽ اسين مهانگائي، بيروزگاري، رشوت خوري، دهشت گردي، نا انصافي ۽ ناجائزيءَ واري گھاڻي ۾ پيڙهبا رهندا سين. هر روز ڪا نياڻي ڌاڍ جو شڪار ٿي بي موت ماري ويندي، هر روز مهانگائيءَ جو پهاڙ اسان مٿان ڪيرايو ويندو، هر روز ڪو نه ڪو نوجوان بيروزگاري مان عاجز ٿي پنهنجو انت آڻيندو. هر روز ڪنهن نه ڪنهن جيجل جهي جهولي خالي ٿيندي. ان ڪري اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو.