وفاق کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ سنڌ کي موٽ ۾ بک ۽ بيروزگاري ڏني وئي آهي: سجاد چانڊيو

ڄامشورو/ڀان سيدآباد :- سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، سنڌو درياهه تي ڊيم، ڪينال ۽ سنڌ بئراج ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ تي قبضي، ڌارين جي آبادڪاري، نيشنل ڪوسٽل ڊولپيمنٽ اٿارٽي ٺاهي ساحلي پٽي سميت ڪراچي تي قبضي، انتهاپسندي، معصوم نياڻين جي قتلن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل سنڌ بچايو، وسيلا بچايو عوامي سجاڳي مارچ جي اڄ 15 نومبر تي چوٿين مرحلي جي شروعات ڄامشوري کان ڪئي ويئي. جيڪو سجاڳي مارچ ڀان سيدآباد پهتو ، سجاڳي مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن گل حسن ڪيڙانو، نور احمد ڪاتيار، لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سڀاني ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور رند، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر پرديپ گلاب، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي محمد وڪو ڪئي ، ان موقئي تي عوامي سجاڳي مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته اسٽيبلشمينٽ جمهوري عمل کي يرغمال بڻائي ملڪي عوام مٿان پنهنجا من پسند حڪمران مڙهيا آهن، جن کي عوام جي مفاد کان وڌي ڪمپني سرڪار جا مفاد وڌيڪ عزيز آهن. ملڪ جي وجود جي پهرين ڏينهن کان وٺي قومن جو استحصال ڪري صوبن جي وسيلن کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ 71 سيڪڙو گئس، 70 سيڪڙو پيٽرول ۽ وڏو حصو روينيو جو ڏيندڙ سنڌ کي موٽ ۾ بک، بيروزگاري، ڪرپشن، بيماريون ۽ بدحالي ڏنا ويا آهن. ٿرپارڪر ۾ اعلاج نه ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙا پنهنجي مائرن جي جهولين ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا. ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن لاءِ اسپتالن ۾ ويڪسين موجود نه آهن. ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود سمورين سرڪاري اسپتالن کي مريضن لاءِ ڪوس گهر بڻايو ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو جي ضلعي لاڙڪاڻي کي ايڊز جو مرڪز بڻايو ويو آهي. ايڊز جهڙي موضي مرض جي ور چڙهيل مريضن جو  ڪوبه مناسب اعلاج نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي اصل حڪمرانن کي سنڌ جا ماڻهو نٿا کپن پر سنڌ جي ڌرتي کپي ٿي، ايم ڪيو ايم جي جن دهشتگردن ڪراچي ۾ خون جون ننديون وهايون انهن کي عمران خان جي ڪابينا ۾ وزير بڻايو ويو آهي، جيڪي بار بار سنڌ جي ورهاڱي جو راڳ ڳائين ٿا ۽ ملڪ جو وزير اعظم عمران خان انهن دهشتگردن لاءِ چوي ٿو ته اهي سڀني کان وڌيڪ نفيس آهن جيڪا شرمناڪ ڳالهه آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ دهشتگردن، قاتلن ۽ ڏوهارين کي وزير نه بڻايو ويندو آهي، پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ دهشتگردن کي اليڪشن ۾ چونڊرائي وزير بڻايو ويندو آهن. هن چيو ته جيڪو سنڌ ورهائڻ جا مطالبا ٿو ڪري اهو ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۽ سنڌ جو سڄڻ نه آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ڪندو ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتي ماءُ جو تحفظ ڪندو. ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته ڪارونجهر جبل کي غير قانوني طور تي ڪٽي ان جو پٿر کنيو پيو وڃي، ڪارونجهر جيڪو روپلي جي ڌرتي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي ان کي پيپلز پارٽي جي حڪمرانن پنهنجي اقتداري ڪرسي خاطر نيلام ڪري ڇڏيو آهي