وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ خلاف 15 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري کان ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين سمنڊ ۾ لانچن، ٻيڙين جي هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويندي

ملير : وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري اعلان تي ابراهيم حيدري ۾ سول سوسائٽي ۽ چونڊيل نمائندن جو ڄاموٽ هائوس ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ سنڌ جا ٻيٽ بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد محمد علي شاهه، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، جان عالم ڄاموٽ، سهيل عالم ڄاموٽ، گل حسن ڪلمتي سميت ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جن تي سنڌ جو پهريون حق آهي، وفاق جي دعويٰ غير آئيني، غير اخلاقي ۽ غيرقانوني آهي. اڳواڻن چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان سمنڊ سان لاڳاپيل لکين مهاڻن جو لنگهه بند ٿي ويندو. جنهن سان سنڌ جا 10 لکن وڌيڪ مهاڻا بيروزگار ٿيندا. وفاق ڏاڍ تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اسان سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻهن ۽ قومپرست ڌرين کي اپيل ڪنداسين ته هو ٻرندڙ مسئلي کي سنڌ جو اهم مسئلو سمجهي ڊگهي جدوجهد لاءِ اعلان ڪن. ان موقعي تي سڃاهه وندن اعلان ڪيو ته 15 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري کان ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين سمنڊ ۾ لانچن، ٻيڙين جي هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويندي ۽ ڀُنڊاڙ ٻيٽ تي اها ريلي جلسي جي شڪل اختيار ڪندي جتي اڳواڻ خطاب ڪندا