وفاق جون اسپتالون صوبن حوالي ڪرڻ وارو معاملو، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي توهين عدالت جي درخواست داخل

اسلام آباد :- وفاق جون اسپتالون صوبن حوالي ڪرڻ وارو معاملو، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي توهين عدالت جي درخواست داخل، درخواست جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽر عائشه افتخار داخل ڪرائي، درخواست ۾ وزيراعظم، صحت ۽ ناڻي وارين وزارتن سميت سيڪريٽري سنڌ کي ڌر بڻايو ويو آهي، استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي17جنوري 2019ع جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي.