وفاقي گهرو کاتي پاران پابندي پيل تنظيمن جون ملڪيتون مُنجمد ڪرڻ جا تفصيل جاري

A supporter of Islamic charity organization Jamaat-ud-Dawa (JuD), carries a sign with others as they listen the speech of leaders (unseen) to condemn the house arrest of Hafiz Muhammad Saeed, chief of (JuD), during a protest demonstration in Karachi, Pakistan, February 3, 2017. REUTERS/Akhtar Soomro - RTX2ZHSN

اسلام آباد :- وفاقي گهرو کاتي پابندي پيل تنظيمن جون ملڪيتون مُنجمد ڪرڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، سينيٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ وفاقي گهرو کاتي چيو آهي ته پرڏيهي کاتي جي کنيل قدمن تحت پابندي پيل تنظيم جيش محمد جي 57 ۽ جماعت الدعوه جي 907 ملڪيتن کي منجمد ڪيو ويو آهي، جماعت الدعوه جي 76 اسڪولز، 4 ڪاليجز ۽ 330 مدرسن کي منجمد ڪيو ويو، وفاقي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ جماعت الدعوه جون 80 ۽ جيش محمد جون 3 ملڪيتون منجمد ڪيون ڪيون ويون، مملڪتي وزير علي محمد خان سينيٽ ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن طرفان پابندي لڳائڻ بعد وفاقي گهرو کاتي پاڻ مدرسا بند ڪيا آهن، جيڪي مدرسا ڪليئر ٿيندا، اُنهن کي ٻيهر کوليو ويندو، ڪيترين ئي عالمي اين جي اوز کي به بند ڪيو ويو آهي