وفاقي ڪابينا ۾ اهم تبديليون، اسد عمر جي واپسي

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو اعلان، سڌ سماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ۽ واڌ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسد عمر کي رٿابندي ۽ خصوصي قدمن بابت وزير بڻايو ويندو ۽ وفاقي وزير خسرو بختيار کي پيٽروليم وارو قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.