وفاقي ڪابينا، ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد := وفاقي ڪابينا، ڇهين آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايم ڪيو ايم کي فيصلي تي اعتراض، وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ستين آدمشماري ايندڙ 3 سالن اندر ڪرائڻ جو فيصلو، ڪابينا پاران اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 ڊسمبر واري فيصلي جي به توثيق، سيڙپڪاري بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سي ڊي اي آرڊيننس 1980۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ سي ڊي اي اختيارين مارگلا روڊ تي ايئرفورس ۽ نيوي جي حددخلين وارو معاملو اٿاريو، سي ڊي اي اختيارين ٻڌايو ته ايئرفورس ۽ نيوي نقشن جي منظوري کانسواءِ عمارتون اڏيون آهن، ڪابينا ايئرفورس ۽ نيوي کي مارگلا روڊ تان حددخليون هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزير اعظم عمران خان چيو ته ادارن کي مثال بڻجي سامهون اچڻ گهرجي، ايئر فورس ۽ نيوي کي عمارتن جا نقشا منظور ڪرائڻ گهرجن.