وفاقي سرڪار پاران ڪي پي جي هر خاندان لاءِ 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت احتساب ۽ سڌارن جي پروگرام تي سختي سان عمل ڪندي. وزيراعظم عمران خان سان پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آئيني، سياسي ۽ قانوني معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. بابر اعواڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽئين نئين پارلياماني سال جو ڪئلينڊر پيش ڪيو ته وزيراعظم عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي. بابر اعواڻ چيو ته نئين پارلياماني سال ۾ هر مهيني اجلاس ٿيندو، پارلياماني 133 ڏينهن ڪم ڪندي، ملڪي توڙي قومي مفاد جي قانونسازي بنا رنڊڪ جاري رهندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احتساب ۽ سڌارن جي پروگرام تي سختي سان عمل ڪندي، پنجن سالن ۾ ادارن ۾ تبديلي جي ايجنڊا مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته ڏکي وقت ۾ ڪيترن ئي ڏکين فيصلن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت جو نئون پارلياماني سال ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو. سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت جلد ختم ٿيندي ڏسي رهيو آهي