وفاقي سرڪار شبلي فراز کي سُڌ سماءَ جو وفاقي وزير ۽ رٽائرد جنرل عاصم باجوه کي خصوصي معاون مقرر

اسلام آباد :- وفاقي سرڪار فردوس عاشق اعواڻ کي هٽائي شبلي فراز کي سُڌ سماءَ جو وفاقي وزير ۽ رٽائرد جنرل عاصم باجوه کي خصوصي معاون مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار طرفان فردوس عاشق اعواڻ کي سُڌ سماءَ جي خصوصي معاون وارو عهدو وٺي سندس جاءِ تي رٽائرڊ جنرل عاصم باجوه کي سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جو خصوصي معاون بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيڪو هن وقت سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هو اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس پي آر به رهي چڪو آهي. وفاقي سرڪار سينيٽر شبلي فراز کي به سُڌ سماءَ وارو وفاقي وزير مقرر ڪيو آهي.