وفاقي سرڪار جي غلط پاليسين سبب گيس جو بحران پيدا ٿيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي :- سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيءَ وهاب چيو آهي ته وفاقي سرڪار جي غلط پاليسين سبب گيس جو بحران پيدا ٿيو آهي، گيس نه ملڻ سان صنعتون ڪيئن هلنديون، وفاق آئين تحت سنڌ کي حصي جو گيس ڏي. مرتضيٰ وهاب نارٿ ڪراچي صنعتي زون جي نئين تعمير ٿيل روڊ جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته گيس بحران کي فوري طور حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ 68 سيڪڙو گيس پيدا  ڪري ٿي پر گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي گيس نه پيو ملي. مرتضيٰ وهاب چيو ته گيس نه ملڻ سان ٻار بک تي اسڪول وڃن ٿا ۽ صنعتون بند آهن، سنڌ سرڪار صنعتڪارن جي ترجماني ڪندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي  سرڪار فوري طور گيس بحران حل ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو گيس ڏي