وفاقي سرڪار جو سنڌ کي ٽئي اسپتالون واپس ڏيڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي :- وفاقي سرڪار سنڌ کي ٽئي اسپتالون واپس ڏيڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خراب مالي حالتن جي ڪري حڪومت جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ جا انتظام نٿي هلائي سگهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي مِنٽس موجب وفاقي سرڪار ڄاڻايل اسپتالن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي واپس ڪرڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، اُن حوالي سان سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ 17 جنوري تي ڪراچي جون ٽئي وڏيون اسپتالون وفاق حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اُن کانپوءِ وفاقي سرڪار طرفان ٽنهي اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.