جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض احمد چانڊيو جي سيد جلال محمود شاهه سان ملاقات،سنڌ جي معاملن بابت غور ويچار

ڄامشورو: جيئي سنڌ محاذ جو وفد پارٽي سربراهه رياض علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پريس سيڪريٽري پنهل جمالي، مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن عمران منگي، ممتاز آريسر، راوت چانڊيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سان پاڪستان جي مرڪزي سرڪار طرفان ڏهين اين ايف سي ايوارڊ جي ذريعي سنڌ جي ناڻي تي غير قانوني قبضي ۽ سنڌ جي وسيلن جي  لٽ مار واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.جيئي سنڌ محاذ جي قيادت تجويز ڏني ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين ۽ ٽيڪنوڪريٽس جو اجلاس گهرائي سنڌ جي ناڻي واري معاملي تي گڏيل موقف جوڙيو وڃي. جنهن تي ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه اتفاق ڪندي چيو ته سڀني پارٽين جي سربراهن، معاشي ماهرن ۽ قانوندانن سان جلد رابطا ڪري گڏيل موقف جوڙيو ويندو. رياض علي چانڊيو ناڻي جي ڦرلٽ ۽ ڀاشا ڊئم جي اڏاوت واري معاملي تي سنڌ جي قومپرست جماعتن جسقم سربراهه صنعان قريشي، امجد مهيسر، عوامي تحريڪ جي صدر ايڊوڪيٽ سجاد چانڊيو، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، اي جي پي اڳواڻ حريف خان چانڊيو، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي سربراهه نواز خان زئور سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۽ ڀاشا ڊئم تي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ جو پارٽي اڳواڻن سان خصوصي ٽيليفونڪ اجلاس جيئي سنڌ محاذ  چئيرمين رياض علي چانڊيو جي زير صدارت ٿي گذريو.

اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ جي قدرتي ۽ مالي وسيلن جي ڦرلٽ شروع ٿي، وسيلا لٽي پنجاب جي حوالي ڪيا ويا آهن. ترقي ۽ تعمير مرڪزي سرڪار پلاننگ ڪميشن جي ذريعي رڳو پنجاب جي ڪئي آھي.

سنڌ جي عوام کي پنهنجن بندرگاهن تي مالي ۽ انتظامي اختيار ناهن گئس ۽ تيل جي ذخيرن تي سنڌ جو مالي ۽ انتظامي اختيار ناهي، نيب بليڪ ميلنگ جو ادارو آھي جنهن جي ذريعي پ پ ۽ نواز ليگ سان روزانو جي بنياد تي ڊيل ڪيو ويندو آھي.

وفاقي حڪومت سنڌ کي محدود پئماني تي مليل مالي اختيار به لٽڻ گهري ٿي، جيڪو عمل قابل  مذمت آھي. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جيڪا آئين ۽ جمهوريت جو گذريل تيرنهن سالن کان جيڪو راڳ آلاپي رهي آھي پر سنڌ حڪومت ارڙھين ترميم جو اڄ ڏينهن تائين اختيارن جو استعمال بـ نه ڪري سگهي آھي. نه گئس نه تيل جي مالي ۽ انتظامي معاملن جا صحيح اختيار وٺي سگهي آھي، نه وري پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ جو اختيار حاصل ڪري سگهي آھي، نه وري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آئيني حيثيت کي بحال ڪرائي سگهي آھي.