وفاقي راڄڌاني ۾ سمورين تقريبن تي پابندي، قبرستانن ۾ عوامي اجتماع بند

اسلام آباد:= ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سمورين تقريبن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکيڙ کي نظر ۾ رکندي وفاقي گادي واري شهر ۾ نيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات اين سي او سي جي هدايتن تي نوان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.نوٽيفڪيشن موجب وفاقي راڄڌاني ۾ پهرين اپريل کان هر قسم  جون مارڪيٽون ۽ شادي هالز جي اندر ۽ ٻاهر هر قسم جي شادين ۽ ٻين تقريبن تي پابندي لاڳو هوندي. اسپورٽس ٽورنامينٽ سوشل تقريبون، ڪلچرل تقريبون ۽ مذهبي تقريبن تي به مڪمل پابندي هوندي