وفاقي حڪومت کي آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جو اختيار ناهي: يوسف لغاري

حيدرآباد :- سنڌ جي اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل محمد يوسف لغاري چيو آهي ته قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم آرٽيڪل149 جي غلط تشريح ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 1998 ۾ سپريم ڪورٽ وفاق کي صوبن ۾ مداخلت کان روڪي ڇڏيو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي 58 (2) تحت حڪومت ختم ڪئي وئي، پر هن وقت آرٽيڪل 58 (2) جي آئين مان خاتمي کانپوءِ صدر کي ڪو به حق ناهي رهيو ته هو اسيمبلي کي ختم ڪري سگهي ۽ وفاقي حڪومت کي به ڪي اختيار ناهن ته 149 (4) کي لاڳو ڪري. اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ لارج بينج جو فيصلو آهي، جنهن ۾ واضح طور سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي صوبن ۾ مداخلت ڪرڻ جا اختيار ناهن. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته وفاقي قانون واري وزير آرٽيڪل 149 (4) جي غلط تشريح ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي سزا ڏيڻ چاهي پئي ته ڀلي اها ڪري، پر هن کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪري، ڇاڪاڻ ته 149 (2) ۾ وفاقي حڪومت کي ڪو به اختيار ڪونهي، هو صرف هدايت ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته علي زيدي جي ڪچري کڻڻ واري عمل جي به اسان مذمت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو ڪي ايم سي جو ڪم هيو، جيڪڏهن ڪي ايم سي ڪچري کڻڻ ۾ ناڪام وئي ته علي زيدي هدايت ڏئي ها، پر ان جي سزا صوبائي خودمختياري کي ڇو ٿي ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت به ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته صوبي جي عوام کي جيڪو آئين اختيار ڏنو آهي اهي اختيار ڦرڻ جو اوهان کي ڪو به حق ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان جا پ پ پ سان اختلاف آهن ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت ڄاڻي. هن چيو ته ڪراچي مان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ۾ ٻيا به ميمبر شامل ٿيا آهن، صوبائي اسيمبلي ۾ به آواز نه اٿاريو ويو صوبائي توڙي بلدياتي ڪنهن به اسيمبلي ۾ ڪو به ٺهراءَ پاس ناهي ڪيو ويو آهي ته 149 (2) تي عمل ڪيو وڃي، پر ڪهڙي قانون تحت ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا صرف صلاح ڏئي سگهي ٿي ته صوبائي معاملي بابت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي يا 149 (2) تحت ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، پر غيرقانوني طور تي فروغ نسيم ڌمڪي ڏئي ٿو ته هو عدالت ۾ ويندو، پر اسان کي خوشي ٿيندي ته هو عدالت ۾ وڃي ڇاڪاڻ ته اسان کي عدالت تي ڀروسو آهي ۽ عدالت آئين خلاف ڪوبه قدم نه کڻندي. هن چيو ته وفاقي وزير کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته عدالت جو ئي فيصلو آهي ته صوبائي اختيارين ۾ وفاقي حڪومت کي وڃڻ جو ڪو به اختيار ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو لارج بينچ جو آهي ۽ ان فيصلي خلاف وڃڻ لاءِ عدالت کي ان کان وڌيڪ لارج بينچ قائم ڪرڻي پوندي.