وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان جون سنڌ حڪومت کان خدمتون واپس وٺي ڇڏيون

ڪراچي : سياسي سماجي ڌُرين جي ڇتي تنقيد بعد وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ جون خدمتون سنڌ سرڪار کان واپس وٺي ڇڏيون، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ڊي سي سينٽرل ڪراچي ضياءُ الرحمان جون خدمتون واپس وٺڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري، کيس خيبرپختونخواه جي حڪومت آڏو رپورٽ ڪرڻ جي هدايت، ڪي پي سان واسطو رکندڙ آفيسر ضياءُ الرحمان جي سنڌ ۾ ڊي سي طور مقرريءَ تي سياسي سماجي تنظيمن پ پ ۽ پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي، سنڌ ۾ اپوزيشن پارٽيز ضياءُ الرحمان مقرريءَ کي مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ وچ ۾ سياسي ڊيل جو نتيجو قرار ڏنو هو.