وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:- وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيو ويو ۽ پنجاب حڪومت تنظيم تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي اسان پابندي بابت سمري ڪابينه ڏانهن اماڻي رهيا آهيون. شيخ رشيد چيو ته سياسي حالتن سبب نه پر تحريڪ لبيڪ جي ڪردار سبب پابندي لڳائي پئي وڃي. جڏهن ته مون ڪڏهن به هن پارٽي جي حمايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن خادم حسين سان مليس.وفاقي گهرو وزير چيو ته اسان جون هنن کي پرچائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيون. هي فيض آباد اچڻ چاهين ٿا، اسان قرارداد اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان پيش ڪرڻ چاهي ٿي اسان جون وڏيون ڪوششون هيون پر هنن هر حالت ۾ فيض آباد اچڻ چاهيو ٿي. هي اهڙو مسودو چاهين ٿا جنهن سان يورپ جا سمورا ماڻهو ئي واپس هليا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته اسان نه هنن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي هئي ۽ اسان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان تي قائم هئاسين. گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ پوليس کان رائفل ڦري فا.ئرنگ ڪئي وئي هنن مٿان جيڪا ايف آءِ آر ٿي اها قانون موجب ٿي آهي