وفاقي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 12 کرب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

اسلام آباد :- وفاقي حڪومت مالي سال 21-2020 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ دفاعي بجيٽ لاءِ تقريبن 12 کرب 90 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي ۾ صنعت ۽ پيدوار بابت وفاقي وزير حماد اظهر بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ڏکين حالتن ۾ گهٽ خرچن جي اصولن تي هلي رهيا آهيون، اسان پاڪ فوج جا ٿورائتا آهيون، جنهن حڪومت سان گهٽ خرچن جي ڪوششن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. جاري مالي سال دوران دفاع لاءِ بجيٽ ۾ 1152 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر نظرثاني ٿيل بجيٽ ۾ دفاع لاءِ اهي خرچ 1227 ارب رپيا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان لاءِ تقريبن 1290 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.