وفاقي ادارا سمورا وسيلا استعمال ڪري ڪراچي ۾ برسات متاثرن کي رليف فراهم ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد/راولپنڊي:- وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ برسات بعد پيدا ٿيل صورتحال جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، وزيراعظم پاران وفاقي ادارن کي شهرين کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، وفاقي ادارا سمورا وسيلا ڪتب آڻي عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪن، ايم ڊي ايم اي ۽ پاڪ فوج جا برسات متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن، حڪومت هر صورت ۾ برسات متاثرن جي مدد ڪندي، سمورن ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن. هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج کي سنڌ ۾ برسات متاثر شهرين جي مدد لاءِ فوري طور فلڊ رليف آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف ڪراچي ڪور کي شهرين جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا جوان ڏکئي وقت ۾ برسات متاثر علائقن تائين پهچي شهرين جي هر ممڪن مدد ۽ سار سنڀال کي يقيني بڻائن