وسيم اڪرم ڪرڪيٽ کانپوءِ هاڻ اداڪاري جي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪندو

دبئي:- قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪامياب اننگز کيڏڻ کانپوءِ هاڻ پنهنجي گهرواري شنيرا اڪرم سان اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکڻ وڃي رهيو آهي.رپورٽ موجب وسيم اڪرم اداڪاري ۾ قسم آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن پاڪستان جي ناليواري مزاحيه اداڪار فيصل قريشي جي هدايت ڪاري ۾ ٺهندڙ ڪاميڊي فلم مني بيڪ گارنٽي سائن ڪئي آحي جڏه نته فيصلي قريشي جي به هدايتڪار طور اها پهرين فلم آهي.فلم مني بيڪ گارنٽي ۾ مرڪزي ڪردار فواد خان ادا ڪندو جڏهن ته ميڪال ذوالفقار، وسيم اڪرم ۽ شنيرا اڪرم فلم ۾ مختصر ڪردار ادا ڪندا.