وزير اعظم عمران خان2018ع ۾ سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ بابت وڊيو اسڪينڊل

اسلام آباد := وزير اعظم عمران خان2018ع ۾ سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ بابت وڊيو اسڪينڊل جي پارٽي سطح تي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، 3 رڪني ڪميٽي ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شهزاد اڪبر ۽ شيرين مزاري شامل: ڪميٽي هڪ مهيني اندر رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪرڻ جي پابند هوندي، ڪميٽي آئنده جي حڪمت عملي ۽ قانوني سفارشون به تيار ڪري پيش ڪندي.