وزيراعظم ڪراچي پهچي ويو، گورنر ۽ علي زيدي سان ملاقات

ڪراچي :- وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي دوري تي پهچي ويو آهي. گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير علي زيدي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران سنڌ جي سياسي ۽ ڪورونا صورتحال سميت مخلتف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون  آهن. گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم کي ڪورونا صورتحال بابت آگاهي ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ اتحادين سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم عمران خان اڄ لاڙڪاڻي جو دورو ڪندو،.جتي هو احساس پروگرام سينٽر تي انتظامن جو جائزو وٺندو.