وزيراعظم کي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اختيارنه آهي :سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته وزيراعظم کي آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ جو اختيار نه آهي، ڪابينا کان پهرين صدر طرفان سمري منظور ڪرڻ شايد شايد قانون ۾ صحيح نه هجي. وزيراعظم ليٽر جاري ڪيو ته پوءِ کيس ٻڌايو ويو ته توهان کي اختيار نه آهي.
سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ واري وفاقي سرڪار جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 225 تحت نئين سر مقرري جو اختيار نه آهي، توسيع جو اختيار آهي. سمري ۾ توسيع جو لفظ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته آرمي چيف جي نئين سر مقرري ڪئي پئي وڃي.
صدر کانپوءِ وزيراعظم ڪيئن ٻيهر منظوري ڏني؟
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته صدر آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سمري جي منظوري 19 آگسٽ تي ڏني، 21 آگسٽ تي وزيراعظم ڪيئن منظوري ڏئي ڇڏي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته صدر جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم ٻيهر ڪيئن منظوري ڏني؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم سمري تي صحيح ڪئي.
صدر سمري منظور ناهي ڪئي: اٽارني جنرل
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ۾ پُڇيو ته ڪابينا ۽ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڇا صدر ٻيهر سمري جي منظوري ڏني؟ اٽارني جنرل چيو ته صدر سمري جي ڪا منظوري نه ڏني، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حتمي منظوري ته صدر کي ڏيڻي هوندي آهي. صدر ڪابينا کان پهرين جيڪا منظوري ڏني، شايد اُها قانون موجب صحيح نه هجي. چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته 21 آگسٽ تي ڪابينا جي اجلاس آڏو توهان صدر صاحب کي رکي ڇڏيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته اسان صدر کان ٻيهر منظوري وٺي سگهون ٿا.
وزيراعظم کي توسيع جو اختيار ناهي
چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم کي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪرڻ جو اختيار نه آهي، صدر ئي آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو. اٽارني جنرل چيو ته ملازمت ۾ توسيع صدر جي منظوري کانپوءِ ڪئي وئي آهي. ڪابينا کان سمري جي منظوري به ورتي وئي.
آرمي چيف ڪڏهن رٽائر ٿئي ٿو؟
ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه پُڇيو ته آرمي چيف ڪڏهن رٽائر ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 29 نومبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي. جسٽس مظهر ميان عالم خيل پڇيو ته آرمي چيف جي هن وقت عمر ڪيتري آهي؟ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا ٿيو جو پهرين وزيراعظم آرمي چيف جي مُدت جي ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، پوءِ کيس ٻڌايو ويو ته توهان ائين نٿا ڪري سگهو. صدر پهرين سمري جي منظوري ڏني، اُن کانپوءِ ڪابينا مان منظوري ورتي وئي. ڪابينا جا 14 ميمبرز خاموش رهيا، اُنهن جي نالن اڳيان اويٽيڊ لکيل آهي، اِن جو مطلب ٻين 14 ميمبرز آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ نه پئي چاهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ميمبرز جي خاموشي کي اقرار سمجهيو، ڇا چئي سگهجي ٿو ته ڪابينا اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني. وزيراعظم کي ته آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ جو اختيار نه آهي.