وزيراعظم پگهار مان پنهنجو گهر نٿو هلائي سگهي، ڇا پگهار وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي؟ : کيئل داس ڪوهستاني

اسلام آباد :- نواز ليگ اڳواڻ ايم اين اي وزيراعظم عمران خان جي پگهار جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. نواز ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو. جنهن ۾ هُن لکيو ته وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو موجوده پگهار مان پنهنجو گهر نٿو هلائي سگهي، ڇا وزيراعظم جي پگهار وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي؟
ڌيان ڇڪايو نوٽيس موجب جيڪڏهن وزيراعظم جو گذارو نٿو ٿئي ته پارليامينٽ ميمبرز، وفاقي وزيرن، صلاحڪارن ۽ ملازمن جو گذارو ڪيئن ٿي رهيو آهي؟
ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان خطاب دوران چيو هو ته جيتري سندس موجوده پگهار آهي، اُن مان گهر هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.