وزيراعظم پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاڪستان پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مراد سعيد، اسد عمر، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن ۾ تقريب 34 سيڪڙو حصو پينشن جو آهي جنهن ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڄاڻ ڏني وئي ته وزيراعظم جي هدايت تي  ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي  پاڪستان پوسٽ به پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن جي قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي وڌندڙ پينشن جي ٻوجهه کي گهٽ ڪرڻ توڙي پينشن واري نظام بهتر ڪرڻ آهي. وزيراعظم عمران خان  تجويز توڙي ناڻي واري وزارت، مواصلات، سڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ نيشنل انويسٽمينٽ ٽرسٽ تي ٻڌل  ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. اجلاس کي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد پاڪستان پوسٽ ۾ سڌارن ۽ اداري کي منافعي بخش بڻائڻ توڙي عوام کي مهيا ٿيندڙ خدمتن ۾ بهتري  جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ ۾ سڌارن جي حوالي سان مواصلات واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکائڻ ڪئي