وزيراعظم پاران ڪورونا سبب في بيروزگار کي 12 هزار ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد:-  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا ناڪاري اثر معيشت تي به پئجي رهيا آهن، ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري پئي آهي، ڪورونا وائرس ڪيترو هلندو ڪا خبر ناهي، خدشو آهي ته ڇهن کان هڪ سال تائين ساڳي صورتحال رهي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ بيروزگار ماڻهن لاءِ ويب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سموري دنيا ڪورونا وائرس سبب ڏکيائين جو شڪار آهي. هن چيو ته معيشت تي لاڪ ڊائون جا ناڪاري اثر پيا آهن، ڏنڊي جي زور تي عمل نه ٿو ڪرائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل ماڻهن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيڻ گهرجي، شهري ٻاهر نڪرڻ تي احتياط ڪن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پوئتي پيل ملڪن ۾ پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن سڀ کان پهريون غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. هن چيو ته احساس ڪيش پروگرام بهترين منصوبو آهي، ٽن هفتن ۾ 81 ارب رپيه ورهايا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته رقم نهايت غريب ماڻهن ۾ ورهائي وئي آهي، بيروزگار ماڻهن لاءِ به ويب پورٽل جو افتتاح ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ماڻهن جي تڪليفن کان آگاهه آهن، بيروزگار ماڻهو پنهنجو نالو رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته بيروزگار ماڻهو رڳو اهو ٻڌائيندا ته هو ڪٿي ڊيوٽي ڪندا هئا، سمورن رجسٽرڊ بيروزگار ماڻهن کي 12 هزار رپيه ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته رقم ورهائڻ لاءِ شفافيت کي به ڏسي رهيا آهن، ويب پورٽل ۾ ڪورونا وائرس سبب بيروزگار ٿيل ماڻهو رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته فنڊ وڌ کان وڌ حقدارن ۾ ورهائڻ جا خواهشمند آهن،  پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته هڪ مهيني دوران 30 رپيه في لٽر تيل جا اگهه گهٽ ڪيا ويا آهن، ڊيزل به 27 رپيه گهٽ ڪئي آهي، پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو آبادگارن سميت سڀني کي پهچايو ويندو. سندس چوڻ هو ته پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ٻين شين جا اگهه به گهٽ ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم عمران خان چيو ته حقدارن کي ملندڙ رقم جي آڊٽ ڪرائي ويندي، صنعتون هلائڻ لاءِ سندن مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس ڪيترو عرصو هلندو ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، اڏاوتي شعبي لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ننڍي کنڊ ۾ تيل جا سڀ کان گهٽ اگهه پاڪستان ۾ آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽائيگر فورس جا جوان بيروزگارن جي رجسٽريشن ۾ سندن مدد ڪن، پيٽرول شين جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عام ماڻهو تائين پهچڻ گهرجي، لاڳاپيل اختياريون فوري طور تي قدم کڻن.