وزيراعظم پاران ماحول جي تحفظ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 15 نيشنل پارڪ ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد :- وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ نيشنل پارڪس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تيزي سان وڌنڌڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ماحول جو تحفظ ضروري آهي، 15 پارڪس ٺاهڻ جو فيصلو ايندڙ نسلن لاءِ وڏو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته گهڻن ماڻهن کي اها خبر ناهي ته الله تعاليٰ هن ملڪ کي ڪيترا وسيلا ڏنا آهن، هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت ماحوليات جي منصوبن کي ترجيح نه ڏني، شهر تباهه ٿي رهيا آهن ، شهرن لاءِ ماسٽر پلان جوڙيا وڃن. عمران خان چيو ته سياحتي هنڌن گليات ۽ مَرِي کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي، نيشنل پارڪس کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏبيون، نيشنل پارڪس سان مقامي نوجوانن کي روزگار ملندو ته اهي پارڪس جو تحفظ ڪندا.