وزيراعظم عمران خان ۽ امريڪي صدر وچ ۾ ملاقات ڊيووس۾ ٻنهي سربراهن جي ملاقات

ڊيووس : وزيراعظم عمران خان ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو، وزيراعظم عمران خان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس پهتو آهي، جتي وزيراعظم عمران خان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پاڪ امريڪا لاڳاپن کانسواءِ ڪشمير مسئلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي امريڪي صدر چيو ته عمران خان منهنجو دوست آهي، ساڻس ملاقات تي خوشي ٿي آهي. ٽرمپ چيو ته اسان ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائينداسين. آئون ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو. وزيراعظم عمران خان به ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻيهر ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، تنهنڪري خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.